Home سنڌ سيتا روڊ ۾ پوليس جو ڇاپو هڻي 2 هفتا اڳ مبينا طور اغوا ڪيل 13 ورهين جي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو
0

سيتا روڊ ۾ پوليس جو ڇاپو هڻي 2 هفتا اڳ مبينا طور اغوا ڪيل 13 ورهين جي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو

0
0

sita-road-map

سيتا روڊ ۾ پوليس جو ڇاپو هڻي 2 هفتا اڳ مبينا طور اغوا ڪيل 13 ورهين جي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي بدپيشي لاءِ اغوا ڪيو ويو هو.

سيتاروڊ شهر مان ٻه هفتا اڳ مبينا طور اغوا ڪيل نينگري ڪلثوم لاکير کي پوليس شهر جي وارڊ نمبر 8 ۾ ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پيرسن غلام نبي ساند جي گهر تي ڇاپو هڻي مبينا اغوا ڄاڻايل ناريءَ کي هٿ ڪري ورتو آهي،

 ايس ايڇ او سيتاروڊ مظفر لغاريءَ چيو ته بازياب ڪرايل ناريءَ کي بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ڪورٽ جي حڪم تحت نينگري جي بيان موجب ان کي ان جي مالڪن حوالي ڪيو ويندو.

نينگري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مان پنهنجي پيءُ جي تشدد کان بيزار ٿي گهران نڪري غلام نبي ساند جي گهر ۾ ترسيل هيس.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجو پيءُ اسان کي خرچ به نه ڏيندو هو. فحاشي اڏو هلائيندڙ غلام نبي سان صحافين کي ٻڌايو ته نينگري وٽس پاڻ آئي هئي ۽ هو فحاشي اڏو هلائيندو آهي………………

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *