Home سنڌ وزيراعظم نوازشريف پاران ڪراچي ويجهو سونمياڻي ۾ پاڪ ايئرفورس جي دفاعي مشقن جو معائنو
0

وزيراعظم نوازشريف پاران ڪراچي ويجهو سونمياڻي ۾ پاڪ ايئرفورس جي دفاعي مشقن جو معائنو

0
0

nawaz-sharif

وزيراعظم نوازشريف پاران ڪراچي ويجهو سونمياڻي ۾ پاڪ ايئرفورس جي دفاعي مشقن جو معائنو، ويڙهاڪ جهازن هدف کي نشانو بڻائڻ وارين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، تقريب ۾ ايئر چيف، وڏي وزير ۽ ٻين جي به شرڪت، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت به ڪندو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي به شرڪت جا امڪان، اجلاس ۾ سنڌ سرڪار پاران رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري مدي ۾ توسيع نه ڪرڻ واري تڪرار جو به جائزو ورتو ويندو.

هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتل وزير اعظم نواز شريف بلوچستان جي سامونڊي علائقي سونيماڻي ۾ هوائي فوج جي مشقن جو معائنو ڪيو، ڊپٽي ايئرچيف مارشل مجاهد انور چيو آهي ته هوائي فوج آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.

 

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي جي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهيون، امن جي بحالي لاءِ قوم جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتل وزير اعظم نواز شريف بلوچستان جي سامونڊي علائقي سونيماڻي ۾ هوائي فوج جي دفاعي مشقن جو معائنو ڪيو.

تقريب ۾ ايئر چيف مارشل سهيل امان، ڊپٽي ايئرچيف مارشل مجاهد انور، وڏيوزير ۽ پهرين پاڪستاني شهيد عورت پائليٽ مريم مختيار جي والدين شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزير اعظم هوائي فوج جي دفاع مشقن جو جائزو ورتو ۽ هوائي فوج جي ڪاردار جي ساراهه به ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، امن جي بحالي لاءِ هوائي فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

وزيراعظم نوازشريف ائيرفورس جي پائليٽس جي مهارت متاثر ڪيو آهي، وزير اعظم  ميان نوازشريف خطاب ڪندي چيو ته هوائي فوج هميشه قوم جو  ڳاٽ فخر سان  اوچو رکيو آهي،دهشتگردي خلاف جنگ ۾هوائي فوج جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي،دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو اڄ به ساڳيو ئي عزم آهي،پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻينداسين،موثر ڪارروائي سبب عالمي سطح تي پاڪستان جو مورال بلند ٿيو،اندروني۽ بيروني خطرن باوجود پاڪستان اڳتي وڌي پيو،ڪراچي: پاڪ ايئرفورس جو دنيا ۾ ڪو به مٽ ناهي

تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ايئرچيف مارشل مجاهد انور چيو ته پاڪستان اندروني توڙي ٻاهرين چيلنيجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته هوائي فوج آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دشمن خلاف جنگ جاري رکي ويندي…………..

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *