Home سنڌ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ امن امان بابت اجلاس
0

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ امن امان بابت اجلاس

0
0

nawaz-sindh

وزيراعظم نواز شريف جي  صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي  ۾ امن امان بابت اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن  ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ،  ڪور ڪمانڊر ڪراچي، وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا، ڊي جي رينجرز اجلاس کي ڪراچي آپريشن بابت بريفنگ ڏيندو.

وزيراعظم نواز شريف  جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

وزيراعظم جي صدارت  هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا عملدارشرڪت ڪندا.

ڊي جي رينجرز اجلاس کي ڪراچي آپريشن سميت امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏيندو.

وزير اعظم سان گڏ ڪراچي پهتل وفاقي گهرو وزير گورنر هائوس ڪراچي ۾ گورنر عشرت العباد سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *