Home سنڌ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا تقريبن ۽ مچ ڪچهرين جو سلسلو جاري
0

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا تقريبن ۽ مچ ڪچهرين جو سلسلو جاري

0
0

ekta-day09-12-15

ڌرتيءَ سان ڌڙڪڻ ۽ سوچڻ جي سرِ هيٺ 13 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون چوٽ چڙهيل آهن، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا تقريبن ۽ مچ ڪچهرين جو سلسلو جاري آهن.

سياسي سماجي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي مان نڪتل ايڪتا ڪاروان جاڳرتا ريلي حيدرآباد پهچڻ تي عوام پاران شاندار استقبال ڪري قافلي مشريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.

فتح چوڪ تي حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته تبديلي لاءِ پاڻ ۾ ايڪتا جي ِ ضرورت آهي، ڏهاڙو ملهائڻ جو سڏ ڏيڻ تي ڪاوش ۽ ڪي ٽي کي سلام پيش ڪيون ٿا.

گولاڙچي ۾ جسقم آريسر پاران ايڪتا ميوزيڪل نائيٽ ملهائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسلم خيرپوري، امير آزاد پنهور، مٺو مهيري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي جسقم جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو چوڻ هو ايڪتا ڏهاڙو سنڌ واسين لاءِ وڏو ڏينهن هوندو، جنهن کي ڀرپور نموني ملهايو ويندو.

سنڌڙي جي ڳوٺ فقير عبدالڪريم حر ينگ ويلفيئر پاران مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي.

سنڌڙي ۾ دولت آباد جاڳرتا فورم پاران مچ مچهري ۾ سوگهڙن ڏور ۽ بيت پيش ڪيا ۽   راڳ رنگ جي محفل ٿي.

دادو ۾ سچوا ۽ پيپلز ڪلچر ونگ پاران 2 ڌار ڌار ايڪتا مچ ڪچهريون منعقد ڪيون ويون جنهن ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

بخشاپور جي مهراڻ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران شاگردن پاران ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

اوٻاوڙو ۾ مهراڻ پبلڪ اسڪول پاران سوين شاگردن پاران ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

گهوٽڪي جي روشن تارا ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ خوبصورت ايڪتا  پروگرام منقعد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپال آغا علي گوهر پٽاڻ آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ۽ شاگردن پاران قومي گيت تي رقص ڪيو.

ايڪتا پروگرام ۾ اسٽينٽ ڪمشنر عبدالستار ڀيو ، محتصب اعليٰ احمد جمالي ،پروفيسر عبدالقادر چاچڙ، عبدالرحيم لغاري سميت وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪري 13 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو عزم ڪيو

 گمبٽ ۾ سنڌ ساگر پارٽي پاران وحيد کهڙو، منصور جکر جي اڳواڻي ۾ علي بهارو کان ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي مختلف ڳوٺن کان ٿيندي باءِ پاس تي قومي گيتن تي جهموريون هنيون ويون.

ڄام صاحب جي فقير غلام حيدري ڏاهري پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪيو.

 سوڀي ديري جي شهباز پبلڪ اسڪول نواڙو ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن قومي گيتن تي جهموريون هن يون، جڏهن ته گورنميبٽ پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ۾ ٻارڙن وچ ۾ تقريري مقابلا ڪرايا ويا.

سوڀي ديري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول سليمان ۾ ايڪتا تقريب دوران بارڙن انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظاهر ڪيو.

ايڪتا جي حوالي سان ٽنڊو آدم جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش ڪري انساني زنجير ٺاهي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو ويو.

 قمبر جي بوائز هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران استادن ۽ شاگردن قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

 ساماري جي گورنميبت هاءِ اسڪول ۾ ميڊم مهرالنساءَ جي اڳواڻي ۾ ايڪتا پروگرام ۾ شاگردياڻين پاران ٻوٽا پوکي ڌرتيءَ سان محبت جواظهار ڪيو.

 ٺارو شاهه جي ڳوٺ عبدالخالق اڄڻ جي پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ۾ ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سانگهڙ جي پرائمري اسڪول شاهن آباد ۾ ايڪتا تقريب دوران ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش ڪري ايڪتا جي اظاهر طور  هٿ ۾ هٿ ڏئي انساني زنجير ٺاهي وئي.

کپري جي روشن تارا هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دواران شاگردن پاران مزاحيا خاڪا پيش ڪري سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

کپري جي ڳوٺ سرهاڙي جي قاضي احمد پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري سنڌي گيتن تي رقص ڪيو.

راڌڻ ٽائون ڪميٽي جي چونڊيل ڪائونسلرز غلام دستگير ڳورڙ، ملوڪ جانوري، سڪندر جوڻيجو بوبي جهتيال، نفيس خانزادو، صابر راڌڻ ۽ ٻين پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ڪيو.

سڪرنڊ ۾ چوهاڻ اتحاد پاران پير ذاڪري کان پريس ڪلب تائين ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان غزالي ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن پاران قومي گيتن تي جهمريون هنيون وين ۽  شاگردن ۾ تقريري مقابلا ڪرايا ويا.

ٺٽي ۾ هندو پنچائت پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين ايڪتا جاڳرتا ريلي وئي، ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

باڊهه ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جوڳي اتحاد پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

………………….

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *