سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو ذوالفقار مرزا جي ساٿين ۽ صحافين تي تشدد بابت توهين عدالت وارو ڪيس جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ڏانهن منتقل
0
0
سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو ذوالفقار مرزا جي ساٿين ۽ صحافين تي تشدد بابت توهين عدالت وارو ڪيس جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ کان جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس عملدارن خلاف توهين عدالت وارو ڪيس جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ کان جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پنهنجي اعتراض ۾ لکيو آهي ته بئرسٽر ضمير گهمرو جسٽس سجاد علي شاهه سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي، جنهن کي ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل پنهنجو وڪيل نامزد ڪيو آهي.
اهڙي اعتراض بعد چيف جسٽن توهين عدالت وارو ڪيس جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.
Related posts:
- چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي
- توهين عدالت ڪيس جسٽس احمد علي شيخ پاران ٻڌڻ کان انڪار
- سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو ذوالفقار مرزا جي حامين ۽ صحافين تي تشدد واري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي
- سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پاران بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ تي جسٽس احمد علي شيخ ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار