لاڙڪاڻَي پوليس هڪ مهيني اندر 133 روپوش ۽ 83 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس پي مسعود بنگش چيو آهي ته ڦر ۽ چوري ٿيل 17 موٽر سائيڪل هٿ ڪري متاثرن کي واپس ڪرايون ويون آهن.
ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسعود بنگش چيو ته هڪ مهيني اندر 12 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 5 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪاررواين دوران 133 روپوش ۽ 83 اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 12 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 21 ڪلو چرس، ڀنگ ۽ هيروئن هٿ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڦر ۽ چوري ٿيل 17 موٽر سائيڪلز هٿ ڪيون، جيڪي متاثرن حوالي ڪيو ويون.
هڪ سوال جي جواب ۾ ايس پي مسعود بنگش چيو ته نئين ديري مان اغوا ٿي ويل ٻارڙَي ساحل ڪوريجَي جي بازيابيءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس هڪ هڪ هفتي اندر بازياب ڪرايو ويندو.
Related posts:
- گهوٽڪي پوليس 2 لک انعام يافته ڌاڙيل رندل سندراڻي سميت 7 روپوش ڌاڙيل گرفتار ڪري هٿيار هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
- ڏهرڪي ويجهو پوليس مبينا مقابلي بعد بدنام ڏوهاري جلال الدين لنڊ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
- گهوٽڪي ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن بندي 5 لک انعام يافتا ڏوهاري ڀورو شر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي
- گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن ڪندي 7 ڏوهارين کي گرفتار ڪري 50 کان وڌيڪ گهر ڊاهي ڇڏيا