Home سنڌ مڪاني چونڊن جي رهيل سيٽن تي پولنگ دوران سهولتن جي اڻهوند:عملي کي پٽ تي ويهي ڊيوٽي ڪرڻي پئي

مڪاني چونڊن جي رهيل سيٽن تي پولنگ دوران سهولتن جي اڻهوند:عملي کي پٽ تي ويهي ڊيوٽي ڪرڻي پئي

0
0

thul-amlo

ٺل ۾ مڪاني چونڊن جي رهيل سيٽن تي پولنگ دوران سهولتن جي اڻهوند نظر آئي، هڪ پولنگ اسٽيشن تي عملي کي پٽ تي ويهي ڊيوٽي ڪرڻي پئي.

يوسي ٺل نئون جي پرائمري اسڪول حيات سرڪي ۾ قائم پولنگ اسٽيشن لاءِ عملو پهتو ته فرنيچر موجود نه هو ۽ هڪ ڪمري ۾ پيل بـُهه ته ڪڍيو ويو پر صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪمرو استعمال جهڙو نه هو.

اهڙي صورت ۾ پريزائيڊنگ آفيس کٽ تي ويهي ۽ پولنگ اسٽاف پٽ تي ويهي پولنگ هلائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو.

اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر، پولنگ آفيسر ۽ ايجنٽس لاءِ فراسيون ۽ رليون وڇايون ويون آهن، جتي ويهي بيلٽ پيپرز ڏنا پيا وڃن……………….

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *