Home سنڌ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست تي فيصلو 23 ڊسمبر تائين محفوظ
0

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست تي فيصلو 23 ڊسمبر تائين محفوظ

0
0

 atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست تي فيصلو 23 ڊسمبر تائين محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪيس ۾ مفرور 5 جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

رينجرز طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عامر خان دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ نامزد آهي، کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

رينجرز وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته عامر خان جي ضمانت تي آزادي اڳ ئي چئلينج ڪيل آهي، پرڏيهه وڃڻ بعد واپسيءَ جو امڪان گهٽ آهي.

عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر پاران رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس وٽ 90 ڪيس آهن، تنهنڪري جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي.

عدالت ڪيس ۾ مفرور 5 جوابدارن منهاج قاضي، رئيس ماما، شهزاد ملان، نعيم ملان ۽ اعجاز نيازي جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي عامر خان جي درخواست تي فيصلو 23 ڊسمبر تائين محفوظ ڪري ورتو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *