سنڌ ۾ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، مختلف شهرن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهر
سنڌ ۾ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف شهرن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر ۾ گڏهه جي ڳچيءَ ۾ چلهو ۽ طعو ٽنگي شهر جوگشت ڪرايو ويو.
پيرڳوٺ جي پريالوءَ شهر ۾ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين نادر حسين الرو، محمد بخش الرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيرڳوٺ روڊ تي ڌرڻو هنيو.
سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف مهيڙ ۾شهرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
سکر ۾ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف مائيڪرو ڪالوني جي رهواسين عبدالله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج دوران شهرين گڏهه جي ڳچيءَ ۾ طعو ۽ چلهو ٽنگي شهر جو گشت ڪرايو ۽ سوئي گيس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته کاڌو پچائڻ جي وقت سوئي گيس مڪمل طور بند هوندو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت عزاب ڀوڳي رهيا آهن.
هنن چيو ته صبح جو 5 وڳي کان رات 12 وڳي تائين سوئي گيس جي بندش هوندي آهي، جنهن ڪري شهري هوٽلن تان کاڌو وٺڻ تي مجبور آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي مشڪلاتن کان آجو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………….
Related posts:
- رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي ٻي سحري ڪئي وئي، بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو
- سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، حيسڪو چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وئي عدالت جو در کڙڪايو ويندو: اياز شاهه شيرازي
- جڪيب آباد جي مختلف علائقن ۾ سوئي گيس جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو
- بجلي جي ڊگهي بندش عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو،عورتون ڏنڊا کڻي سيپڪو آفيس پهچي ويون