ٽنڊو محمد خان جي سيري شگر ملز ۽ ٽي ايم ڪي شگر ملز تي پوليس چڙهائي دوران 37 ڄڻن جي گرفتاري
ٽنڊو محمد خان جي سيري شگر مل ۽ ٽي ايم ڪي شگر ملز تي پوليس چڙهائي دوران 37 ڄڻن جي گرفتاري ۽ قبضي خلاف پورهيتن احتجاج جاري آهي، اعليٰ اختيارين جا حڪم نه مڃڻ تي ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ ڊي ايس پي هوسڙي کان جارچ ڇڏرائي کين سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٽنڊي محمد خان جي سيري شگر ملز ۽ ٽي ايم ڪي شگر ملز تي پوليس پاران چڙهائي ڪري37 پورهيتن کي گرفتار ڪرڻ ۽ هٿيار بندن پاران ملز تي قبضو ڪرڻ خلاف پورهيتن ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته هڪ بااثر ڌر جي ماڻهن پوليس جي مدد سان ملز تي قبضو ڪري 37 بيگناهه پورهيتن کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته ملز تي قبضي سبب 18 سئو کان وڌيڪ پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، پر احتجاج باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.
هنن مطالبو ڪيو ته عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ملز تان قبضو ختم ڪرائي بيگناهه گرفتار ڪيل پورهيتن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جاري رکندا.
اعليٰ اختيارين جا حڪم نه مڃڻ تي ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان خالد رستماڻي ۽ ڊي ايس پي هوسڙي دوست محمد مڱريو کان چارج ڇڏرائي کين سي پي او آفيس ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي………………
Related posts:
- ٽنڊومحمدخان ۽ سيري شگر ملز تي پوليس چڙهائي ۽ هٿياربندن جي قبضي خلاف ٽنڊو محمدخان ۾ شٽربند هڙتال
- سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٽنڊو محمد خان ۽ سيري شگر ملز جو ڪنٽرول اومني گروپ کان وٺي تاباني گروپ حوالي
- ٽنڊو محمد خان لڳ پوليس مبينا مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل دليپ ميگهواڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
- ٽنڊو محمد خان ويجهو ملاڪاتيار پوليس پاران مبينا مقابلي دوران بدنام ڏوهاري الله بچائي ڪلپوري کي مارڻ جي دعويٰ