Home سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ وڃڻ سان سنڌ حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه هوندو:منظور وساڻ
0

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ وڃڻ سان سنڌ حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه هوندو:منظور وساڻ

0
0

manzoor wasan

معدنيات واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ وڃڻ سان سنڌ حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه هوندو، رينجرز کي ڪرپشن بدران دهشتگردي خلاف ڪارروايون ڪرڻ گهرجن.

پير ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ پير آفتاب شاهه جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ڪرپشن خلاف ڪاررواين لاءِ اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري رينجرز کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکڻ گهرجن.

پ پ مخالف اتحاد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي قسم جا اتحاد 1970ع کان ٺهي رهيا آهن، جن سان ڪوبه فرق نه پوندو.

هن چيو ته درازه ۽ سانگهڙ ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا، جن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي.

منظور وساڻ چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت وڃي ٿو ته ان تي سنڌ حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه هوندو………….

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *