سنڌ اندر دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنين مارڪيٽ ۾ دوائن جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري قيمتن ۾ 65 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي
وفاقي حڪومت هيپاٽائيٽس سِي جو ڪورس 32 هزار رپين مان گهٽائي 5 هزار 8 سئو 68 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صحت بابت مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هيپاٽائيٽس سبب متاثر ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي آهي، 9 ڪمپنين کي مرض کان بچاءُ لاءِ دوائون تيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت بابت مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس سبب متاثر ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي آهي، مرض تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته هيپاٽائيٽس سِي تيزيءَ سان پکڙي رهيو آهي، جنهن ڪري ان جي ڪورس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته هيپاٽائيٽس سِي جَي ڪورس جون 28 ٽيبليٽس 32 هزار رپين ۾ ملنديون هيون، جيڪي هاڻي عوام کي 5 هزار 868 رپين ۾ ملي سگهنديون.
مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو ته 9 ملٽي نيشنل ڪمپنين کي هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ دوائون تيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
Related posts:
- پوليو جي مرض تي ضابطو نه اچڻ ڪري ڊبليو ايڇ او سميت عالمي برادري کي ڳڻتي آهي سائره افضل
- سپريم ڪورٽ، موبائيل ڪمپنين جي گري ٽريفڪنگ واري ڪيس ۾ حڪومت ۽ ٽيليڪام ڪمپنين کان 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي
- سنڌ جي ناڻي کاتي مڪاني ادارن واري وزارت جي سفارش تي ڪراچي جي متاثر علائقن ۾ پاڻي فراهم ڪندڙ 10 ڪانٽريڪٽر ڪمپنين لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جاري
- ڪراچي ۾ صحت کاتي جو هنگامي اجلاس جاري، پوليو مهم فوج حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي
mjy haptites b hwa hai mn konse dawa use kar sakta hon