ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 46 مريض فوت
0
0
ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 46 شهري فوت ٿي ويا،جنهن بعد انگ وڌي ڪري 5 هزار 568 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ هڪ هزار 974،پنجاب ۾ 2 هزار 79،ڪي پي ۾ هڪ هزار 139 ۽ بلوچستان ۾131شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
رپورٽس مطابق اسلام آباد ۾ 157،گلگت بلتستان ۾ 41 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 47 شهري جان جي بازي هارائي ويا.
ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 2 لک 63 هزار 496 ٿي ويو.
سنڌ ۾ هڪ لک 12 هزار 118،پنجاب ۾ 89 هزار 793 ۽ ڪي پي ۾ 31 هزار 890 شهري متاثر ٿيا.
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 14 هزار 576،بلوچستان ۾ 11هزار 424، گلگت ۾ هڪ هزار 807 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 888 شهري وٺجي ويا.